ٽرنٽي چرچ

ٽرنٽي چرچ

ٽرنٽي چرچ

ٽرنٽي چرچ: هيءَ چرچ سول لائين ڪراچيءَ ۾ آهي . پھرين پروسٽنٽ چرچ سال 1852ع ۾ ڪراچيءَ جي سول لائينز واري علائقي ۾ تيار ڪئي وئي هئي ، جنھن جي پيڙهه جو پٿر ، سر بارٽل فريئر ، سنڌ جي ڪمشنر رکيو . ٽن سالن جي عرصي اندر 1855ع ۾ ھيءَ چرچ جڙي راس ٿي . ھن شاندار عمارت جو نقشو بمبئيءَ جي انجنيئر ڪيپٽن جان ھل ٺاھيو ، پر اڏاوت دوران ان جي نقشي ۾ جان برٽن ٿوري گھڻي تبديلي ڪئي ھئي . ھن جو وڏو ٽاور 150 اوچو آھي . ڪجهه وقت اڳ ڪاٺ جي خوبصورت ڇت ھٽائي ، اتي نئين سيمنٽ جي ڇت ٺاھي وئي آھي . ھن جو نمونو اٽليءَ جي ڪيٿولڪ طرز جو آھي .


لفظ ٽرنٽي چرچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو